إِنَّمَا جَزَٰٓؤُا۟ ٱلَّذِينَ يُحَارِبُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَيَسْعَوْنَ فِى ٱلْأَرْضِ فَسَادًا أَن يُقَتَّلُوٓا۟ أَوْ يُصَلَّبُوٓا۟ أَوْ تُقَطَّعَ أَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُم مِّنْ خِلَٰفٍ أَوْ يُنفَوْا۟ مِنَ ٱلْأَرْضِ ذَٰلِكَ لَهُمْ خِزْىٌ فِى ٱلدُّنْيَا وَلَهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي الله ۽ سندس پيغمبر سان وڙھندا ۽ ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) لاءِ ڪوشش ڪندا تن جي سزا ھن کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي ته ڪُھجينِ يا سُوريءَ چاڙھجينِ يا سندن ھٿ ۽ سندن پير اُبتڙ سبتڙ وڍجن يا ديس نيڪالي ڏجينِ، دُنيا ۾ اُنھن لاءِ اِھا خواري آھي ۽ آخرت ۾ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.