قَالَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ ٱللَّهُمَّ رَبَّنَآ أَنزِلْ عَلَيْنَا مَآئِدَةً مِّنَ ٱلسَّمَآءِ تَكُونُ لَنَا عِيدًا لِّأَوَّلِنَا وَءَاخِرِنَا وَءَايَةً مِّنكَ وَٱرْزُقْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ
Taj Mehmood Amroti(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.