caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الزخرف، آيت ٣٢

مڪي · نزول جي ترتيب ٦٣ · 43:32

أَهُمْ يَقْسِمُونَ رَحْمَتَ رَبِّكَ نَحْنُ قَسَمْنَا بَيْنَهُم مَّعِيشَتَهُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَرَفَعْنَا بَعْضَهُمْ فَوْقَ بَعْضٍ دَرَجَٰتٍ لِّيَتَّخِذَ بَعْضُهُم بَعْضًا سُخْرِيًّا وَرَحْمَتُ رَبِّكَ خَيْرٌ مِّمَّا يَجْمَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiاِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70