وَٱلَّذِينَ يُحَآجُّونَ فِى ٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ مَا ٱسْتُجِيبَ لَهُۥ حُجَّتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ
Taj Mehmood Amroti۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جيڪو جھڳڙو ڪندا آھن تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي (ٿيڻ واري) آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي.