وَإِن جَٰهَدَاكَ عَلَىٰٓ أَن تُشْرِكَ بِى مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِى ٱلدُّنْيَا مَعْرُوفًا وَٱتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ أَنَابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرْجِعُكُمْ فَأُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.