وَمَثَلُ ٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمُ ٱبْتِغَآءَ مَرْضَاتِ ٱللَّهِ وَتَثْبِيتًا مِّنْ أَنفُسِهِمْ كَمَثَلِ جَنَّةٍۭ بِرَبْوَةٍ أَصَابَهَا وَابِلٌ فَـَٔاتَتْ أُكُلَهَا ضِعْفَيْنِ فَإِن لَّمْ يُصِبْهَا وَابِلٌ فَطَلٌّ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.