قُلْ هَلْ تَرَبَّصُونَ بِنَآ إِلَّآ إِحْدَى ٱلْحُسْنَيَيْنِ وَنَحْنُ نَتَرَبَّصُ بِكُمْ أَن يُصِيبَكُمُ ٱللَّهُ بِعَذَابٍ مِّنْ عِندِهِۦٓ أَوْ بِأَيْدِينَا فَتَرَبَّصُوٓا۟ إِنَّا مَعَكُم مُّتَرَبِّصُونَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.