أَلَا لِلَّهِ ٱلدِّينُ ٱلْخَالِصُ وَٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ مَا نَعْبُدُهُمْ إِلَّا لِيُقَرِّبُونَآ إِلَى ٱللَّهِ زُلْفَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِى مَا هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى مَنْ هُوَ كَٰذِبٌ كَفَّارٌ
Taj Mehmood Amrotiخبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.